ھوءَ جا لَڄ لُٽي وئي، سا لَڄ ڪنھن جي ھئي ؟

مسرور سيال

انسان پنھنجن خصلتن ذريعي ئي سڃاتو ويندو آهي. اھي خصلتون ئي آھن جيڪي کيس باعزت، با حياءَ، باسيرت ۽ باڪردار بڻائي معراج ڪرائين ٿيون. ساڳئي طريقي وري جيڪڏھن خصلتن ۾پاڻ ڪيرائي وجھجي ته ” با“،  ”بي ۽ بد“۾تبديلي ٿي وڃي ٿي. مطلب بي غيرت، بي حياءُ، بدصورت، بدڪردار ۽ اھڙي ڪريل عملن سبب انسان پاڻ کي انساني نظرن اڳيان ڪيرائي ويھي ٿو ۽ ”اسفل سافلين“ ۾شمار ٿئي ٿو .

انسانيت وارن ڪردارن جي تعمير ڪنھن کي ڪرڻ گھرجي؟ اھو سوال به پنھنجي جاءِ تي موجود آهي، جيڪي سماج جا بھترين نمونا بڻجي پون. ظاھر آھي اھا ذميواري اھل علم ۽ فڪر جي آھي پر اھل علم۽  اھل فڪر جڏھن خاموش رھن ٿا ته سماج  ڪوڙن ڪانئرن جي ور چڙھي وڃي ٿو پوءِ ته انسان جي روپ ۾حيوان ۽ بگھڙ چئلينج ڪندي نظر اچن ٿا. ھر ايندڙ ڏينھن نوان درد کڻي اچي ٿو، ھر اُڀرندڙ سج ماتم جو سنيھو کڻي اچي ٿو، ھر گذرندڙ رات ظلم جي ڪھاڻي بڻجي وڃي ٿي! ايتري تائين جو انسانن جي روپ ۾حيوان صفت پنھنجن عملن سان انسانيت جا ته ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏي ٿو پر پاڻ حيوان به حيران ٿيندي نظر اچن ٿا.

اسان جو ملڪ جتي مذھب بابت ماڻھو جذباتي نظر ايندا آهن. خانداني ۽ قبيلائي غيرت جي حوالي سان به حدون اورانگھيندي نظر ايندا آھن، اتي خبر ناھي اجتماعي طور مذھبي جذبات، خانداني، قبيلائي ۽ قومي غيرت ڪيڏانھن ھليو وڃي ٿي؟ جڏھن جيءَ جھوريندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٿيڻ لڳن ٿا اُتي سڀ جا سڀ ڇو پنھنجي لاءِ جذباتي ٿيڻ پسند نٿا ڪن، ڇو اھڙن واقعن تي غيرت جو مظاھرو ڪرڻ کان لنوائيندا نظر اچن ٿا؟ کين ان ڪري جذبو ۽ غيرت نٿي اچي جو ھي واقعو ڪنھن غير سان ٿيو آهي. افسوس! اُن سوچ تي جيڪا اسان پاڻمرادو جوڙي ورتي آھي، ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٻئي مٿان ٿيندڙ ظلم تي ڳالھائڻ نٿو پڄي ڇو ته اسين جذبات ۽ غيرت جا به ليڪا ڪڍي مخصوص دائرا ٺاھيا آھن، انھن دائرن ۾ئي جذباتي ٿيڻو آھي ۽ غيرت ڏيکارڻي آھي جيڪو نه ڪنھن مذھب ٻڌايو آھي نه ئي وري انساني غيرت جي ڪيفيت ۾اچي ٿو.

اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن کان مختلف آھي، ھتي قانون آھي پر نظر نه ايندو آهي، ھتي انتظاميا آھي پر مُتحرڪ نظر نه ايندي، ھتي عدالتون آھن پر عدل پڻ عدل جي تلاش ۾نظر ايندو، ھتي حڪمران آھن پر پنھنجي لاءِ ھت عوام آھي پر لاوارث! اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن کان ان ڪري به مختلف آھي جو ھتي امير امير ترين ٿيندو آهي ۽ غريب غريب ترين ٿيندو آهي، ھتي غريب عوام مٿان ظلم به غريبن جو احساس ڪندي ڪيو ويندو آهي، حڪمران حڪومت غريبن جي نالي تي ڪندا آهن پر غريبن جي ڏکن ۽ اهنجن ۾وڌيڪ واڌ ڪندا رهندا آهن، قانون اميرن لاءِ ڪمزور ۽ غريبن لاءِ طاقتور ھوندو آھي، ھتي انصاف مھانگو، دوائون مهانگيون، انسان جي روز مرهه جون جياپي واريون شيون مھانگيون ھونديون آھن، ھتي غريبن جي عزت جي نالي تي انھن جي توھين ڪئي ويندي آهي. اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن کان ان ڪري به مختلف آھي ته ھت ٻارڙا گٽرن ۾ڪرندي مرندا آهن، ھتي بيروزگاريءَ سبب خودڪشيون ڪيون وينديون آهن، ھتي دوا ۽ علاج لاءِ ماڻھو اسپتالن جي درن آڏو تڙپي تڙپي دم ڏيندا آهن، ھتي عدالتون فيصلا مدعي جي ٽين چوٿين نسل کي ٻڌائينديون آهن، ھتي وڏيرن، ڀوتارن ۽ سرمائيدارن کي عزت وارو سمجھيو ويندو آھي، جڏھن ته غريب ڀلي عالم ھجي، ڏاھو ھجي، دانشور ھجي يا کڻي مفڪر ھجي ان کي گهٽ سمجھيو ويندو آھي! اھڙي ننڍي سوچ جي مالڪن جو وري اسان مٿان غلبو به آھي.

اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن کان ڇو نه مختلف ھجي ان ڪري ته ھتي عورتن سميت معصوم ٻارڙن سان به جنسي ڏاڍايون ڪيون وڃن ٿيون جن کي انصاف ملڻ ته ڇا، اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن جي خبرن جون سرخيون بڻجي وڃن ٿيون، جڏھن ته وقت گذرڻ سان سنگل ڪالم خبر ۽ آخر ۾ان حيثيت واري خبر به نٿي رھي پر! جنھن سان ظلم ٿيو، جنھن جي عزت لٽي وئي، جنھن جي جسم کي نوچيو ويو، جنھن جي پاڪ دامني کي داغدار ڪيو ويو، اھا سڄي زندگي پنھنجو وجود اخبار ۾ڇھه سرخي خبر ۽ ذھن جي چئنل تي بريڪنگ نيوز رھندي. ھڪ اھڙي ئي ھن وقت خبر ميڊيا لاءِ اھم بڻيل آهي. ڪراچي کان ڪشمور نوڪري بھاني وٺي آيل ھڪ عورت جيڪا مجبور ھئي، لاچار ھئي، جنھن کي چئن سالن جي نياڻي به ساڻ ھئي ان تبسم کي مُرڪون ته نه آڇيون ويون پر سندس چھري کي زندگي ڀر روئيندڙ ڇڏيو ويو! ھن سان جيڪا اجتماعي زيادتي ڪئي وئي ان کان وڌيڪ ھن لاءِ اھو درد گھاءُ ڏيندڙ آھي ته ھن جي معصوم نياڻي چئن سالن جي عليشا کي به درندا پنھنجي هوس جو نشانو بڻائيندا رھيا سو به ھڪ دفعو نه پر مسلسل ٻه راتيون ، ايتري تائين جو سندس جسم جو مخصوص حصي وارو قدرتي سسٽم بيدردي سان ضايع ڪري ڇڏيو، جو لاڙڪاڻي ۾شيخ زيد اسپتال ۾آپريشن دوران ڊاڪٽرن به روئي ڏنو!

بيوس ۽ لاچار عورت ٻڌايو پئي ته کيس مڙس طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو ھو، چئن سالن جي نياڻي سان گڏ ھو ڪراچي جي رستن تي ڀٽڪي رھي ھئي، ھڪ اسپتال ۾رحمدلي ۽ احساس واري ظاھري روپ ۾کين ھڪ انساني شڪل وارو شيطان ملي ٿو جيڪو ھن جي مجبوري جو فائدو وٺندي نوڪري محفوظ جاءِ عزت جي ضمانت ڏئي ٿو جنھن جي ڳالھين ۾اچي ھو اھو سوچي ساڻس گڏ ھلڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي ته ”جڳ ۾اڃا ڪي آھن ڪاپڙي“ پر ھن کي ڪھڙي خبر ته ھي رھزن ۽ وحشي درندا آھن انسان جي شڪل ۾شيطان آھن جيڪي ھن کي نوڪري بدران بي توقير ڪندا، جيڪي ھن کي محفوظ جاءِ ڏيڻ بدران جيئڻ جو حق به کسيندا ، جيڪي سندس عزت سان کيڏندا ۽ ھن جي چئن سالن جي معصوم نياڻي سان به اھو ظلم ڪندا، جيڪو ھن سان ڪندا رھيا آھن!

ڏسجي ته مظلوم عورت  تبسم ۽ معصوم نياڻي عليشا جي لڄ رڳو نه لٽي وئي آهي پر ھر ان لڄدارن جي لڄ ۾ ھٿ وڌا ويا آھن جيڪي پنھنجي لڄ جي ميراث رکندڙ آھن، انھن سڀن جا جيءَ جُھري پيا، ھانءُ ڏري پيا آھن، اکيون رت پيون روئن پر جيڪڏهن ڪجھه به نه ٿيو آھي ته اسان جي حڪمرانن کي ڪجھه نه ٿيو آھي، اسان جي عدالت کي ڪجھه نه ٿيو آھي، اسان جي انتظاميا کي ڪجھه نه ٿيو آھي، اسان جي قانون کي ڪجھه نه ٿيو آھي.

جيتوڻيڪ تبسم پاڻ مٿان ٿيل ظلم تي ماتم ڪري رھي آھي، انصاف لاءِ دانھيندي رھي آھي. وحشين ھٿان پنھنجو نوچيل جسم ڏيکاري رھي آھي پنھنجي معصوم نياڻي جي رت واري شلوار ڏيکاري رھي آھي تنھن ھوندي به ڪنھن منصب پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو آھي، اسان جي حڪمرانن کي ڪا پريشاني نه ٿي آھي اسان جي جذباتي مذھبي ڌرين کي ھڪ عورت ۽ معصوم نياڻي جي عزت لٽجڻ مٿن ڪيل ظلم ۽  تشدد تي ڪو جذبو ناھي آيو نه وري غيرت جا ڍ ڪ ڀرڻ وارن کي ڪا غيرت مان اوٻاسي آئي ھجي جو سجاڳ ٿي ٻيو نه ته ظلم تي احتجاج ڪيو ھجي، ھا جيڪي تبسم ۽ سندس نياڻي کي پنھنجي نياڻيون سمجھن ٿا انھن لڄدارن کي ھنن جي لڄ تي لڄ ضرور آئي آھي. سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي. ھاڻ ٿيڻ ايئن گھرجي ته حڪومت مظلوم عورت تبسم ۽ سندس نياڻي عليشا جي لڄ کي پنھنجي لڄ سمجھي ساڻن ٿيل زيادتين کي پاڻ سان ٿيل زيادتي سمجھي ۽ ان جو نه رڳو رسمي طور نوٽيس وٺي پر تبسم جي چھري تي تبسم واپس ڪري کيس نوڪري سان گڏ محفوظ ڇت مھيا ڪري معصوم نياڻي عليشا جو علاج ملڪ جي بھترين اسپتال ۾ ممڪن نه ھجي ته ٻاھرين ملڪ مان به علاج ڪرائي کيس سٺي تعليم ڏياري ۽ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي ته جيئن ڪير به شيطان صفت ڪنھن مجبور جي مجبوري جو غلط فائدو نه وٺي سگھي پر افسوس آھي ته ھن ھيڏي وڏي واقعي جو اسان جي حڪمرانن توڙي سياسي ڌرين ايترو به نوٽيس نه ورتو جيترو مريم نواز جي ھوٽل واري ڪمري جي دروازي کي ٽوڙڻ واري عمل جو ورتو ھو ۽ مريم نواز کي پنھنجي نياڻي چئي رھيا ھئا جيڪو عمل به چڱو نه ھو پر ساڳيا سڀ جا سڀ جيڪڏهن تبسم ۽ معصوم عليشا کي به پنھنجي نياڻي سمجھن ته شايد ڪو انصاف ملي پوي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.