خيرپور ۾ ٻن ڀينرن جو 14 ڪلاڪن کانپوءِ پوسٽ مارٽم، قتل جو شڪ

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد فيض آباد  ڪالوني مان گذريل رات دير سان  گهر اندران مليل   ٻن عورتن جي لاشن جو 14 ڪلاڪن کانپوءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو،  جڏهن ته واقعي جو ڪيس پڻ داخل نه ٿي سگهيو آهي پيش آيل واقعو اڃان تائين  ڳجھارت بڻيل آهي هوڏانهن خيرپور جي ايس ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾عورتن کي قتل ڪندڙ جوابدار بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ  هڪ ٽيم پڻ تشڪيل ڏئي ڇڏي آھي تشڪيل ڏنل ٽيم ڪالهه پيش آيل واقعي واري هنڌ جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو ورتو ۽ شڪ جي بنيادن تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيلن کي نامعلوم هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته پوليس گرفتار ٿيل جا نالا پڻ راز ۾ رکي ڇڏيا آهن لاڙڪاڻي جي شر برادري سان واسطو رکندڙ عورتن جن جي سڃاڻپ مسمات خيران زال حاجي خان ۽ حنيفان زال نياز علي شر طور ٿي هئي جن متعلق ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي پينو فقيرياڻيون هيون جيڪي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي برادري جي ماڻهن سان هلندڙ پراڻي دشمني سبب خيرپور جي فيض آباد ڪالوني ۾ ڪنهن جي معرفت ڪرائي جي جڳهه وٺي ڪري پني ڪري پنهنجوگذر سفر ڪنديون هيون هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور طرفان واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ ڊي ايس پي خيرپور جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پيش آيل واقعي جو اسان  مختلف رخن سان جائزو وٺي رهيا آهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.