گهوٽڪي: اجتماعي لڄالٽ جو شڪار بڻيل ناري فوت

گهوٽڪي (ڊ ر)گهوٽڪي ويجهو رحيم يار خان ۾ مبينا اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، خبر موجب  ان سلسلي ۾ فوتي ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته چاچڙان شريف ۾ جوابدارن مهران  بيبي کي مبينا اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جوابدار نياڻيءَ کي فصل ۾ اڇلائي ويا هئا، کيس اسپتال داخل ڪرايو جتي فوت ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آھي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.