سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 822 ڪيس، 4 مريض فوت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا ۽ 822 نوان ڪيس ظاهر  ٿيا آهن، جاري ڪيل بيان ۾وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس ۾ ورتل وڌيڪ  322 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن،  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 هزار 641 ڄڻن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن مان 822 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جڏهن ته 9 هزار 69 ڄڻا علاج هيٺ آهن، جن مان 351 مريضن جي حالت نازڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.