ڪورونا ڪيس: سرڪاري آفيسن م رڳو ڪم وارو عملو طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪورونا جي ڪيس وڌڻ کانپوءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي سي ايم سيڪريٽريٽ سميت سمورين سرڪاري آفيسن ۾ بنا اجازت داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ڄاڻايو ويو آهي ته صرف ڪم واري اسٽاف کي ڪم لاءِ گهرايو وڃي، باقي سمورا آفيسر گهر ويٺي ڪم ڪن ۽ آن ڪال رهن، جڏهن ته ڪو به آفيسر هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏي، ان کانسواءِ ڪو به ماڻهو ماسڪ کانسواءِ آفيسن ۾ نه ايندو، سماجي فاصلي کي به يقيني بڻايو وڃي، ٽوٽل اسٽاف جو ون ٿرڊ آفيس اچي ۽ اهو به ايس او پيز کي يقيني بڻائي، ڪو به ماڻهو  ايڊيشنل سيڪريٽري جي اجازت بنا نه اچي سگهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.