گم ڪيلن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا جو پنڌ مارچ گهاري پهتو، شاندار آجيان

گهارو/ڌاٻيجي(نمائندا)سنڌ ۽ بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سنڌسڀا جو”پنڌلانگ مارچ” انعام سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي ڏانهن لاءِ نڪتل قافلو چوٿين ڏينهن  گهاروپهتو. پريس ڪلب اگيان انعام سنڌي.آسي رزاق ۽ مختياربيگم چانڊيو.شازيه چانڊيو.علي رضاڀٽي.هاني بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته سنڌ مان جبري گمشدگيون ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف آهن.رياست جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ جي هر شهريءَ جي جان مال ۽ عزت جوتحفظ ڪري پرسالن کان گم ٿيل ماڻهن بابت رياست مڪمل خاموش آهي.سنڌصوبي کي يتيم سمجهيو پيووڃي جتي صوبي جي پوليس جو آءِ جي کنڀجي وڃي ۽ ان سان به انصاف نه ٿئي ته ان حالت ۾ اسين خاموش ويهي پنهنجن جالاش وصول نه ڪنداسين. ان ڪري اسان پرامن طريقي سان ڪراچي کان راولپنڊي تائين پنڌمارچ ڪري جي ايڇ ڪيوکان اهومطالبو ڪنداسين ته سنڌ مان کنڀيل سمورن ماڻهن کي آزادڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن کنڀيلن جو ڪرمنل رڪارڊ آهي ته انهن جو ڪورٽن ۾ ٽرائيل ڪيووڃي.ٻي صورت ۾ اسان کنڀيل ماڻهن مان آخري ماڻهو جي آزاديءَ تائين جدوجهدجاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.