اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿيون ته پي ڊي ايم ڪندي: فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان ( م ڊ ) اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿيون ته  پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿينديون، اسان جلسا به جاري رکنداسين. ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري ۽  مريم نواز جي بيان ۾ ڪو تضاد نه آهي، ڊونلڊ ٽرمپ هليو ويو، هاڻي مودي ۽ عمران خان جو وقت اچڻ وارو آهي، موجوده حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي، ان تي ن ليگ ۽ پ پ جو اتفاق آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي واقعي تي ڪيل انڪوائري رپورٽ ۾ ڪيترائي مثبت رخ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومتي جلسن سان ڪورونا وائرس نٿو پکڙجي ته، اپوزيشن جي جلسن سان به نه ٿيندو، اسان جا جلسا هر صورت ۾ ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.