نياڻين جي حرمت لاءِ سنڌ ۾ سگهارو آواز، عليشا ڪيس جو مک جوابدار مارجي ويو

ڪشمور+ بخشاپور+ ڪنڌڪوٽ(دليپ ڪيسواڻي+ اميت ڪمار سچڌيو+ عرفان کوسو) ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته ماءُ ۽  سندس معصوم ڌيءُ سان زيادتي جو مرڪزي جوابدار فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويو آهي، ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ بي بي سي کي ٻڌايو ته جوابدار رفيق ملڪ حراست ۾ جاچ دوران ٻڌايو هو ته بخشاپور ۾واقع قبرستان ويجهو هڪ ٺڪاڻو آهي جتي هو عورتن کي رکندا آهن، هن دعويٰ ڪئي ته پوليس پارٽي مرڪزي جوابدار کي گڏ کڻي ڄاڻايل علائقي ۾ پهتي تي اتي موجود هڪ ٻئي جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ مرڪزي جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو،هن چيو ته پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ريپ ڪيس جي ٻئي جوابدار خيرالله بگٽي کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته زخمي رفيق ملڪ کي علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو،  ان کان اڳ امجد شيخ بي بي سي کي ٻڌايو ته طبي معائني ۾ ٻارڙي سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي جي تصديق ٿي آهي، هن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، هن جي مٿي جا وار به بيدرديءَ سان ڪٽيا ويا آهن، ڳلو دٻائڻ سبب کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي آهي، هوڏانهن لاڙڪاڻي ضلعي انتظاميا چيو آهي ته ٻارڙي جي علاج دوران پوليس سيڪيورٽي برقرار رهندي، هوڏانهن  رفيق ملڪ جو لاش بخشاپور اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي عليشا زيادتي واقعي دوران ڊيوٽي تي مقرر ايس ايڇ او ڪشمور اڪبر علي چنا بدلي ڪري جاءِ تي حبيب الله مھر کي ايس ايڇ او ڪشمور مقرر ڪيو ويو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار جي ترجمان صوبائي  صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪشمور واقعي جي ذميوار کي گرفتار ڪندڙ اي ايس آءِ ۽ سندس نياڻي کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو کي قائد اعظم پوليس ٽرافي ۽ سندس ڌيءُ کي سويلين ايوارڊ ڏيارڻ لاءِ وفاق سان رابطو ڪندي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اي ايس آءِ ۽ سندس ڌيءُ ذاتي دلچسپي وٺي وڏو مثال قائم ڪيو آهي، اي ايس آءِ جي ڌيءُ کي 10 لک انعام ڏيڻ سان گڏ پڙهائي جو خرچ حڪومت طرفان ادا ڪيو ويندو، متاثر ٻارڙي جو به سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو، مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪشمور واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏياري ويندي ته جيئن مستقبل ۾ ڪير به اهڙي همت نه ڪري سگهي، سنڌ سرڪار طرفان ڪشمور واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اسان کي بحيثيت قوم هن واقعي پريشان ڪيو آهي هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي،هن چيو  آئون محمد بخش ٻرڙو جي ڌيءَ کي به سلام پيش ڪريان ٿو ته ان جي همت ۽ بهادري مثالي هئي.  محمد بخش ٻرڙو جي بهادري کانسواءِ هن وحشي گروپ کي پڪڙڻ ڏاڍو مشڪل هو گرفتاري محمد بخش ٻرڙو جي ڌي کانسواءِ ممڪن نه هئي.  هن چيو ته سنڌ حڪومت قائداعظم پوليس ميڊل لاءِ محمد بخش ٻرڙو کي خط لکندي. سنڌ سرڪار انهن جي خدمتن جي بدلي ۾ اهو انعام ڏيندي ۽ محمد خان جي ڌيءَ لاءِ سنڌ حڪومت اعليٰ سول انعام لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪندي.  هن چيو ته متاثر عورت ۽ ان جي ڌي کي سول اسپتال لاڙڪاڻو ۾ علاج جي ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي ڇوڪري جي علاج لاءِ دنيا جي ڪنهن به هنڌ وڃڻو پيو ته ويندا .

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) ڪشمور ۾ وحشي درندن هٿان راولپنڊي جي ڪلر سيده واري علائقي جي رهواسڻ نينگري عليشا ۽  سندس امڙ تبسم کي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ واري عمل خلاف سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به مختلف تنظيمن طرفان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ شريڪ اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ ڪالهه  احتجاجي مظاهري ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي رجب ڪلهوڙو، ساگر ڪلهوڙو، نصير الله چانڊيو، سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسئيشن جي اڳواڻ عبدالمالڪ چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ يوٿ سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان عمران حيدر شاهه، امجد علي کهاوڙ، شهزاد احمد کوکر، عمران علي ڪوريجو، احسان علي انڙ، عبدالرزاق جتوئي، وشال ڪمار، مامو رمضان شيخ، قادربخش ڪمانگر، راشد سعيد شيخ، شمس الدين سروهي، پپن علي سومرو، اياز مير ابڙو، ڊاڪٽر طارق سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ نوجوان اتحاد ۽ سوسائٽي پاران دريا خان تونيو، ايڊووڪيٽ سلميٰ مشتاق ڀٽو، صدرالدين شيخ، رضوان جاگيراڻي، رياض مگسي، آصف چانڊيو، عبدالغفور چانڊيو، راحيل عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جوابدارن کي سرعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ته جيئن ظالمن لاءِ عبرتناڪ مثال بڻجي. هنن چيو ته ملڪ توڙي سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان زيادتين ۽ قتل ڪرڻ وارا واقعا وڌي رهيا آهن، اڳ سنڌ جي نياڻين صائمه جروار، سنڌو سومرو ۽ قصور جي معصوم نينگري زينب جي قاتلن کي جيڪڏهن سرعام ڦاهي ڏني وڃي ها ته نياڻي عليشا مغل سان درندن ۽ درندن جهڙن ماڻهن جي ور نه چڙهي هئا،ميان صاحب ۾ نوجوانن ساجد ساحل ڀٽي ، ميان شهباز علي شهادت علي راجپوت ،  ثاقب چنا ، عبدالفتاح سومرو ، سيد ڪفايت شاهه ، ميان عدنان پنهيار ،جوهي ۾  صداقت علي سومرو، مولا،بخش پيرزادو ، ايم ظريف پيرزادو  ارباب رستماڻي، منظور چانڊيو ،مٺي ۾ اڪبر درس گهنشام مالهي خيرپور ۾  مظفر حسين عباسي، ارباب علي ڪلهوڙو، شاهنواز عباسي، عامر عباسي ڪنڌڪوٽ ۾  وڪيل عبدالغني بجاراڻي،آفتاب احمد چنو،محمد نواز بنگوار،امداد کوسو، ابراھيم  خاڪي ،عبدالغني بجاراڻي، امداد کوسو، ابراهيم خاڪي، شعيب ڊومڪي، راجا گوپي چند،راڌڻ ۾ اسد رضا سرگاڻي، فياض احمد جوڻيجو، رياض علي، وقار علي ۽ علي ڪولاچي ،سيٺارجا ۾ رحيم بخش جوڻيجو، محمد اڪرم حاجي ، رسول بخش سهتو، ناصر جميل آرائين ، سعد الله سهتو، رفيق آرائين قمبر ۾  نواب الدين چانڊيو ڪامريڊ شوڪت چانڊيو محمد جان بروهي مير چانڊيو لالا بشير کوسو وقار شابراڻي مشتاق بروهي،کهڙا ۾ ف ليگ اڳواڻن ڪامريڊ نثار ابڙو ،ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، الطاف الرحمان ، سماجي اڳواڻن سيد آفتاب علي شاھ، صفدر سهتو، جميل مري، سيد علي نواز شاهه ،لکي غلام شاهه ۾  انجنيئر راجڪمار ،مولوي احسان الله ڀيو، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ٻڍاڻي، مولوي مختيار جنتي، مٺياڻي ۾  لالا حسن پٺاڻ ،فياض علي شيخ ، بشير احمد سولنگي ،عمران علي پھنور ، معراج سنڌي ،ميهڙ ۾ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سي آر سي پاران راضيديرو۾  يوٿ فورم جي اڳواڻن غلام اصغر آرائين، قمبر سومرو، امجد گلال، علي رضا جکڙ، نصير محمد ڪوري ،سوئي گئس ۾ محمد اقبال سومرو ، طارق حسين ، آصف علي راڄپر ، عبدالحفيظ ويسر ، فاروق مڱڻيجو ، ذاڪر لنڊ ، مير حسن جوڳي ، غلام شبير ، محمد يوسف خاصخيلي ، زوار حسين لغاري ، زاھد شر ، چوهڙ جمالي ۾ فاروق آزاد ميمڻ، شاهد حسيني، شوڪت ميمڻ جماعت اهلسنت جي محمد صديق ميمڻ ،پاڪستان سني تحريڪ جي مولوي منظور احمد قادري جي يو آئي جي قاري نجيب الله ميمڻ اصغريه آرگنائيزيشن جي علي حسن حسيني سنڌي ادبي سنگت جي علي حسن خاصخيلي سکر ۾  غلام غوث غازي، سليم سهتو، صلاح الدين قريشي،ٺل ۾ عبدالحفيظ بجاراڻي رويد کوسو اڪبر ٻرڙو،فخر زمان سومرو، اصغر لاشاري،وحيد ٻرڙو ،گرمگ داس ، ارشاد ڪنراڻي ،ظفر لاشاري،ٺٽي ۾  ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي اڳوڻي وائيس چيئرمين مجتبيٰ خشڪ، ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ، پورھيت مزاحمت جي سلمان جاکرو، اعجاز جاکرو، دوست علي لغاري، پ پ جي ڀورو سرڪي، پيپلز يوٿ جي جنرل سيڪريٽري نور حسين سرڪي، سھيل پليجو، اسٽوڊنٽ ايڪشن فورم جي ضلعي صدر عبدالجبار ڀنڀرو، جسقم جي بابو جان خشڪ، قومي عوامي تحريڪ جي آزاد خشڪ، پ ٽ الف جي الھجڙيو برفت، انساني حقن جي نظير جاکرو، استاد دوست سٿ حامد مغل، آپڪا لوڪل گورنمنٽ جي راجو قريشي، پي ٽي آءِ جي جاويد لطيف ميمڻ،  پ پ ليڊيز ونگ نجمه  شيخ ، فشر فوڪ جي ياسمين شاھ، سماجي اڳواڻن حبيب الله  رانٽو، اياز لاشاري، عمران جوکيو، عبدالحئي مغل، منصور خان، علي اعجاز قريشي، شھريار شيخ، رياض کڏائي ،ڊکڻ ۾ ذيشان جاويد شيخ،ظهير چانڊيو،مفتي ثناءُ الله چانڊيو،سلمان سومرو،ربنواز منگي،سرائي سجاد سيال ،باهو کوسو ۾ ساگر علي حسن هانڀي، تبسم کوسو منٺار گهنڃو، باسط بلوچ جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.