عورتن ۽ ٻارن بابت ڪيسن لاءِ عدالتون فعال ڪيون وڃن: نزهت شيرين

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين سنڌ جي چيئرپرسن نزهت شيرين چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته عليشا واري واقعي  جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي جيئن گينگ ريپ ۾ ملوث گروهه ۾ شامل سمورا جوابدار گرفتار ٿي سگهن ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جو ڪو به واقعو پيش نه اچي. هن چيو ته عليشا جي ڊي اين اي ۽ ڪيميڪل ايگزيميشن ڪرائڻ لازمي آهي جنهن ڪري رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن. هن چيو ته اسان عليشا جي عيادت ڪئي اسپتال ۾ کيس بهتر علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، هن وقت نينگري عليشا جي حالت اڃا بهتر ناهي، عليشا سان اهڙو سانحو ٿيو آهي جنهن پوري انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي، هن وقت نينگري جي حياتي بچائڻ اسان جي لاءِ انتهائي آهم ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي ته ان جي پٺڀرائي ڪرڻ بجاءِ ان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي به روڪي سگهجي. هن چيو ته ٿاڻن جي صورتحال اسان جي سامهون آهي ته جوابدار آزاد ٿي رهيا آهن، هن وقت عورتن ۽ ٻارن جي ڪيسن بابت قانون موجب 27 عدالتن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ هر ٿاڻن تي ڪمپلين سيل قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت شيلٽر هوم، سيف هوم، ڪمپلين سينٽر، هيل لائين سميت ٻيا مختلف شعبا ڌار ڌار کاتن وٽ آهن جن کي هڪ ڇٽيءَ هيٺ وومين ڊولپمينٽ جي ماتحت هئڻ گهرجي ان سان عورتن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.