عورت جي مدد نه ڪريان ها ته سنڌين کي مهڻا ملن ها: محمد بخش ابڙو

لاڙڪاڻو: عليشا واقعي ۾ مُک ڪردار ادا ڪندي پنهنجي ڌيءُ کي معصوم نينگري عليشا جي امڙ تبسم سان ساڻ ڪري عليشا کي  بازياب ڪرائيندڙ پوليس اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو عوامي آواز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته آءُ جيئن ٿاڻي تي آيس ته وڏي منشي مون کي چيو ته هن عورت جي مدد ڪريو جنهن تي عورت تبسم مون کي ٻڌايو ته جوابدارن منهنجي نياڻي عليشا کي اغوا ڪري قيد ڪيو آهي ان بعد هن عورت مون کي هڪ نمبر ڏنو جيڪو نمبر بند هو ان بعد مون جوابدار جي ڀاءُ سان ڳالهايو جنهن خيرالله جو نالو کنيو اسان رٿابندي ڪري پنهنجي ڌيءَ تبسم کي گاڏي تي سوار ڪري انهن جي پويان وياسين. هن چيو ته سٽي پارڪ ۾ رفيق ملڪ ۽ خيرالله گڏ آيا ان بعد رفيق ملڪ منهنجي ڌيءُ سان فون تي ڳالهيو ۽ چيو ته پارڪ کان پارڪ اچ ۽ سلام ڪري اشارو ڪيائين جيئن رفيق ملڪ آيو ته منهنجي ڌيءُ کي چيائين ته توهان نوڪري ڪندئو ان دوران منهنجي ڌيءُ رفيق ملڪ کي ڳچيءَ مان وٺي سوگهو ڪيو.  ان تي پوليس اهلڪار پڻ پهتا ۽ رفيق ملڪ کي پوليس اهلڪارن گرفتار ڪيو. هن چيو ته رفيق ملڪ کان جاچ دوران کوسن جي ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪئي جتي هڪ گهر ۾ رلي پئي هئي ۽ نينگري ان رلي ۾ هئي جنهن جي حالت انتهائي خراب هئي. هن چيو ته نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ منهنجي ذاتي دوستن گهڻي مدد ڪئي. هن چيو ته واقعي کان اڳ منهنجي گهر ڀاتين به منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، مون ان کان اڳ خطرناڪ ڏوهارين کي پوليس مقابلن ۾ گرفتار ڪيو  هڪ سوال جي جواب ۾ محمد بخش ٻرڙو ٻڌايو ته عورت جي روئي ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ منهنجو حوصلو وڌائيندي چيو ته هر طرح سان هن عورت جي مدد ڪرڻي آهي، متان هتان واپس وڃي ائين چوي ته سنڌي ايڏا ڊڄڻا هئا ته جو اسان جي مدد ۽ مهمان نوازي نه ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.