ڪشمور واقعي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي حيدرآباد واري آفيس ۾ سنڌ ۾ انساني  حقن جي لتاڙ جي حوالي سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ انساني حقن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت شاھ، ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، صحافي مهيش ڪمار، غفرانا آرائين، لالا حليم شيخ، وزير لاکو، بلال ناغڙ، ارشاد چنا ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن،  جاگيردار ۽ نوڪرشاهي طبقو هن ملڪ کي انساني حقن جي احترام ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه ڪرائي سگهيو آهي، هن چيو ته ڪنهن به سماج ۾ ڏاڍائي جي اجازت ناهي، پر هتي معصوم نياڻين سان ڏاڍائي جا واقعا ٿي رهيا آهن،ڪشمور واري واقعي انسانيت جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آهن، چئن سالن جي معصوم عليشا سان وحشياڻي انداز ۾ ڏاڍائي ڪئي وئي ۽ ان جي ماءُ کي 20 هزارن روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجهه عليشا جي ماءُ کي نوڪري وٺرائي ڏيڻ جي بهاني سان ڪيو ويو. هنن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته ان واقعي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ وارا سيل قائم نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري اڄ به تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي ڪشمور واري واقعي دوران سنڌ پوليس جي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو پاران پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي کي جوابدارن ڏانهن موڪلي جوابدارن کي وڏي هوشياري سان گرفتار ڪرڻ واري عمل کي ساراهيو ويو ۽ ان تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي سول ڪورٽن ۾ ڊائريڪٽر هيومن رائٽس جا سيل بند ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته اهڙن سيلز کي ٻيهر بحال ڪرائڻ جي لاءِ مهم هلائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.