حيدرآباد ۾ نينگري سان زيادتي جي ڪوشش، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد نمبر 5 جي رهواسي عيسائي برادري جي مرد ۽ عورتن سرڪاري اسڪول جي ماستر  پاران ٻي ڪلاس جي شاگردياڻي “ڪا” کي مبينا جنسي زيادتي جي ڪوشش خلاف ه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون والد مشتاق يوسف، ماءُ ماريا مسيح ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ٻارڙي جي والدين الزام هنيو ته خميس ڏهاڙي سندن 9 ورهين جي معصوم ڌيءُ “ڪا” پنهنجي پاڙي واري سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ وئي، جتي رسيس مهل هڪ ڪلاس ٽيچر معصوم نياڻي کي ڪنهن بهاني سان خالي ڪلاس ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته معصوم نياڻي رڙين تي ٻارن، استادن ۽ هيڊ ماستر پهچي ڪلاس جو ڪمرو کولرائي معصوم “ڪا” کي بچائي ورتو، اهڙي اطلاع ملڻ تي اسان اسڪول پهتاسين ته ڄاڻايل ماستر فرار ٿي ويو. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث ماستر کي گرفتاري ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.