پلاٽ تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ عمرشيخ کي سي سي پي او مقرر ڪيو: وزيراعظم

لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن لاهور ۾ قبضا مافيا کي لغام ڏيڻ لاءِ عمر شيخ کي سي سي پي او مقرر ڪيو. نجي ٽي  وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته اقتدار ۾اچڻ بعد ڪيترائي ڀيرا آءِ جي پنجاب سان ڀيڻيوي جي پلاٽ تان قبضو ڇڏرائڻ جي ڳالهه ڪئي پر قبضو برقرار رهيو، هڪ ڏينهن قبضا مافيا ڀيڻيوي جي برابر واري پلاٽ جي مالڪ کي گولي هڻي ڇڏي، واقعي بعد عمر شيخ کي سي سي پي او لڳايو، هن قبضا مافيا کي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.