گلگت چونڊون کٽڻ بعد بلاول پنجاب ۾ ديرو ڄمائيندو: آصف زرداري

لاهور ( م ڊ ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف  علي زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جو اليڪشن کٽڻ کانپوءِ بلاول گلگت ۾ دير ڄمائيندو. جنرل سيڪريٽري چوڌري منظور احمد سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ آصف زرداري چيو ته پنجاب جا جيالا بلاول ڀٽو جي آجيان جي تياري ڪن. هن چيو ته ڏکيو وقت گذري ويو، جيالا پنهنجو، پنهنجو خاندان ۽ علائقي واسي خيال رکن، 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسو ڪامياب بڻايو وڃي، ڪارڪن ايس او پيز تي سياسي سرگرمين ۽ جلسن ۾ شرڪت ڪند. هن چيو ته بلاول پنهنجي ناني ۽ والده جي انداز ۾ محنت سان چونڊ مهم هلائي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.