پرائيويٽ شاگرد ريگيولر ڄاڻائي ڪروڙين رپيا وٺڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) امتحاني بورڊن طرفان سرڪاري شاگردن سان گڏ فيسون ادا ڪندڙ هزارين پرائيويٽ شاگردن کي ڊيٽا ۾ شامل ڪري سرڪار کان ڪروڙين روپيا وصول ڪرڻ جو انڪشاف، ناڻي کاتي غلط ڊيٽا ڏيڻ تي سمورن بورڊن جومختص ڪيل اڌ فنڊ شاگردن جي درست انگ اکر ڏيڻ جي شرط تائين روڪي ڇڏيو،ان سلسلي ۾ ناڻي کاتي کي گذريل سال ڪورنا وبا جي دوران سمورن امتحاني بورڊ طرفان سرڪاري طور تي امتحان ڏيندڙ شاگردن جي رجسٽريشن، انرولمينٽ ۽ سالياني امتحاني فيسن جي مد ۾ سنڌ سرڪار کان وصول ٿيندڙ فنڊ ذريعي شاگردن جي غلط ڊيٽا پيش ڪري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ناڻي کاتي طرفان ڇهن بورڊن کي هڪ ارب 6 ڪروڙ روپين مان 53 ڪروڙ رليز ليٽر ۾ بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد،بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو،بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر،بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپور خاص ۽ بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن ڪراچي  انتظاميا کي خبردار ڪندي واضع ڪيو آهي ته توهان جو مختص ڪيل هڪ ارب 6 ڪروڙ روپين مان اڌ فنڊ ان ڪري روڪيو ويو آهي  جو اوهان شاگردن جي حوالي سان غلط ڊيٽا بابت اماڻيل ٽن نوٽيسن باوجود حتمي انگ اکر ناهين موڪليا.  سنڌ سرڪار 9 کان ٻارهين تائين جي شاگردن جي رجسٽريشن، انرولمينٽ ۽ سالياني امتحاني فيسن جي مد ۾ صوبي جي سمورن امتحاني  بورڊن کي 53 ڪروڙ 33 لک 97هزار روپيا رليز ڪري ڇڏيا، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد کي 10 ڪروڙ 59 لک 92 هزار 500 روپيا، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو کي 10 ڪروڙ 90 لک 64 هزار 500 سئو روپيا، بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي کي 3 ڪروڙ 58 لک 75 هزار 500 سئو روپيا، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر کي7ڪروڙ54لک 85 هزار 500 سئو روپيا، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپور خاص کي 5 ڪروڙ 98 لک 78 هزار 500 سئو روپيا، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن ڪراچي کي 14 ڪروڙ 71 لک 500 سئو روپيا جاري ڪيا ويا آهن جيڪي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان يونيورسٽيز ۽ بورڊ جي سيڪريٽري جي سفارشن تحت ناڻي کاتي طرفان مالي سال 2020،21 لاءِ مختص ڪيل ٽوٽل هڪ ارب 6 ڪروڙ 67 لک 91 هزار روپين مان 53 ڪروڙ 33 لک 97 هزار روپيا رليز ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.