ٽارچر سيلن جي پهرين شهيد حسن ناصر جو مڙهه ماءُ به نه سڃاتو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي تاريخ ۾ ٽارچر سيلن جي پهرين شهيد حسن ناصر جو مڙهه ايترو ته ڳريل ۽ چچريل هو جو سندس ماءُ به نه  سڃاڻي  سگهي. ڀارت جي حيدرآباد دکن  کان آيل امڙ به لاش پٽ جو هجڻ کان انڪار ڪيو هو.تابوت کوليو ته ڳريل لاش رکو. هن ڏندن جو به جائزو ورتو. هن بي اختيار چيو ته ظالمن پٽ کي ماريو ته گهٽ ۾ گهٽ لاءِ ته ڏين ها. شهيد حسن ناصر 1928ع ۾  ڄائو. هن ڪميونسٽ تحريڪ ۾ حصو ورتو.  حسن ناصر ڪميونسٽ اڳواڻ هو. هن علي ڳڙهه ۾ پڙهيو. هو پنهنجي سوٽ جي صحبت ۾ ڪميونزم پڙهيو. هن کي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ پڪڙيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.