لبيا ۾ پناهگيرن جي ٻيڙيءَ سان حادثو، 74 ڄڻا فوت

 

تريپولي (ويب ڊيسڪ) لبيا جي سمنڊ ڪناري پناهگيرن جي هڪ ٻيڙيءَ سان حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 74 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پناهگيرن ۽ هجرت جي معاملن بابت عالمي تنظيم موجب لبيا جي سامونڊي محافظن ۽ مهاڻن 47 ڄڻن کي بچائي ورتو.

ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٻيڙيءَ ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار ب پڻ شامل هئا.

واضح رهي ته اتر آفريقي سمنڊن تي اهڙا حادثا پيش ايندا رهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.