جسٽس قيصر رشيد پشاور هاءِ ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قيصر رشيد خان کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي.

قانون واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب جسٽس قيصر رشيد پشاور هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس طور خدمتون انجام ڏيندو.

جسٽس قيصر رشيد جو واسطو مالاڪنڊ سان آهي ۽ هو 2011 ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو.

واضح رهي ته جسٽس قيصر رشيد کي جسٽس وقار احمد سيٺ جي لاڏاڻي کانپوءِ اهو عهدو ڏنو ويو آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار احمد سيٺ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.