ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن تي فائرنگ، فوجي جوان سميت 5 شهيد، 17 زخمي

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي شهري آبادين تي فائرنگ ۾ 4 عام شهري ۽ هڪ فوجي جوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب 7 ۽ 8 نومبر جي وچين رات ڀارتي فوج جو والاريل ڪشمير جي علائقي ڪپواڙا ۾ ڪجهه حريت پسندن سان مبينا مقابلو ٿيو، ان جهڙپ ۾ 4 ڀارتي فوجي مارجي ويا، ناڪاميءَ جو شڪار ڀارتي فوج 13 نومبر تي ايل او سي جي مختلف سيڪٽرن تي آزاد ڪشمير جي شهري آبادين کي نشانو بڻايو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ڀارتي فوج مختلف سيڪٽرن تي هلڪن ۽ ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جڏهن ته توپ خانو به استعمال ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته ڀارتي فوج آزاد ڪشمير جي نيلم، ليپا، جهلم ۽ باغ ماٿرين جي شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو، ڀارتي فائرنگ ۾ 4 بي ڏوهه شهري شهيد ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀرپور ڀارتي فائرنگ جو جواب ڏنو ۽ فائر ڪندڙ ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو، جنهن سان ڀارتي فوج کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو، جنهن جي تصديق ڀارتي ميڊيا به ڪئي آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڀارتي فوج جو نقصان تسليم ٿيل نقصان کان تمام گهڻو آهي، خاطري ٿا ڪرايون ته اهڙي شرپسندي جو ان ئي انداز ۾ جواب ڏينداسين.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ ڀارتي فوج جي ناڪامي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي عڪاسي آهي، پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ امن پاڪ فوج جي به خواهش آهي، پنهنجو رت ۽ زندگيون ڏئي وطن ۽ ڪشميري ڀائرن جو بچاءُ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.