خيرپور: ميونسپل ڪميٽي ۾ ڪتا مار مھم مبينا طور ڪرپشن جي نظر ٿيڻ لڳي

خيرپور ۾ سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪمن کي ميونسپل ڪميٽي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو، شهر ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ ڪري رولو ڪتن ڪيترن ئي  شھرين تي حملو ڪري کين  زخمي ڪري ڇڏيو ،خيرپور ضلعي جي ڪيترن ئي تعلقن ۾ ٻارڙن تي ڪتن جي حملن ۾ تيزي اچڻ لڳي، صحت کاتي پاران اپاء نھ وٺڻ ڪري ڪيترائي معصوم ٻار ڇتن ڪتن جو کاڄ بڻجڻ لڳا ،  نومبر مهيني جي 13 ڏينهن ۾ خيرپور ،ڪوٽڏيجي ۽ ڪنگري تعلقي ۾ 154 ٻارڙن تي ڪتن حملو ڪري کين زخمي ڪري وڌو ، انتظاميا هن وقت تائين ڪوبھ تحرڪ نھ ورتو ، رپورٽ موجب  آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ 23 سئو ٻارڙن کي ڪتن حملو ڪري زخمي ڪيو ، عوامي آواز ٽي وي ٻارڙن تي ڪتن جي  حملي جي رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آهي ،رپورٽ موجب ميونسپل ڪميٽي ۾ ڪتا مار مھم مبينا طور ڪرپشن جي نظر ٿيڻ لڳي ڊي سي ڪي بھ اپاء نھ ورتا ـ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر جي نااھلي سبب 8 تعلقن جي پي پي ايڇ آء اسپتالن مان ڪتي جي ويڪسين اڻلڀ ٿي وئي ،خيرپور ڊپٽي ڪمشنر رابطي تي ٻڌايو تھ  ڊي ايڇ او کي عمل ڪرائڻ لاء چيو آھي ـ  ڊي ايڇ ويڪسين بابت ڳالھائڻ کان انڪار ڪندي  ان کي پنھنجو پرسنل معاملوقرار ڏئي ڇڏيو ـ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.