ٺٽو: ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي ۽ سندس ماءُ سان اجتماعي زيادتي خلاف ريلي

ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي ۽ سندس ماءُ سان زيادتي جي انسانيت کي شرمائيندڙ واقعي خلاف باشعور نوجوانن جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي اڳوڻي وائيس چيئرمين مجتبيٰ خشڪ، ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ،فشر فوڪ جي ياسمين شاھ ڪاظمي، قومي عوامي تحريڪ جي راحيلا ڀٽو، آصف جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ،ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته ڪشمور واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.