چين جون مستقبل جي آمريڪي صدر کي مبارڪون

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين مستقبل جي آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ ايندڙ نائب صدر ڪمالا هيرس  کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن.

 چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان وانگ وين بين چيو آهي ته آمريڪي عوام جي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي، نئين چونڊيل صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس کي مبارڪون پيش ڪيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته چين سمجهي ٿو آمريڪي چونڊن جو نتيجو آمريڪي قانونن ۽ طريقي ڪار موجب طئي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته 3 نومبر تي ٿيندڙ آمريڪي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن گهربل 270 اليڪٽورل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏني هئي.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي شڪست قبول نه ڪندي الزام هنيو هو ته چونڊن ۾ هڪ مخصوص ڪمپيوٽر سافٽ ويئر استعمال ڪيو ويو پر سائبر سيڪيورٽي ايجنسي ۽ چونڊ اختيارين اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ان ڳالهه جا ڪي ثبوت ناهن ته ووٽنگ جي نظام ۾ ڪا ڦير ڦار ڪئي وئي ۽ ووٽن کي ضايع يا تبديل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.