وچ مدي وارين چونڊن جي صورت ۾ ڪا به جماعت اڪيلي حڪومت نه ٺاهي سگھندي: سروي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 49 سيڪڙو عوام اپوزيشن جي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي تحريڪ کي سويلين بالادستي جي تحريڪ قرار ڏنو آهي.

انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين ريسرچ جي سروي موجب 32 سيڪڙو عوام سمجهي ٿو ته ان تحريڪ جي ذريعي پي ڊي ايم ۾ موجود جماعتون پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.

سروي موجب 45 سيڪڙو عوام جلد چونڊن واري  پي ڊي ايم جي مطالبي جو حامي آهي جڏهن ته 31 سيڪڙو عوام حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ جو حامي آهي.

اپوزيشن اتحاد تي ٻڌل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس جلد چونڊن جو مطالبو ڪري رهي آهي پر مڊ ٽرم چونڊون ڪرائڻ جي صورت ۾ به ڪا به سياسي جماعت اڪيلي نه ٺاهي سگھندي. ان ڳالهه جو انڪشاف انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين رسرچ پاران سڄي ملڪ ۾ ڪيل سروي ۾ ٿيو، جنهن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو.

پي ڊي ايم جي مطالبي موجب جلد مڊ ٽرم چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ سروي ۾ 26 سيڪڙو ماڻهن  پاڪستان مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏيڻ جو چيو، 25 سيڪڙو پاڪستان تحريڪ انصاف، 9 سيڪڙو تحريڪ لبيڪ پاڪستان، 1 سيڪڙو عوامي نيشنل پارٽي، 1 سيڪڙو آل پاڪستان ملسم ليگ، 1 سيڪڙو پاڪستان مسلم ليگ ق جڏهن ته 1 سيڪڙو عوام گڏيل قومي موومينٽ پاڪستان کي ووٽ ڏيڻ جو چيو.

12 سيڪڙو عوام چيو ته هو ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيندا. 8 سيڪڙو چيو ته هنن اڃا ان بابت فيصلو ناهي ڪيو جڏهن ته 3 سيڪڙو چيو هو سياسي جماعتن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندا. 9 سيڪڙو ان سوال جو ڪو به جواب نه ڏنو.

تحريڪ اصاف جي مقبوليت ۾ 7 سيڪڙو گھٽتائي

انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين رسرچ موجب اليڪشن 2018ڳ کان پوءِ موجود سروي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ 07 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي پر پاڪستان مسلم ليگ نواز به رڳو 2 سيڪڙو مقبوليت جي واڌ ڪري سگھي  آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقبوليت 8 سيڪڙو گھٽي آهي.

ان سوال مان حاصل ڪيل عوامي راءِ کي صوبائي بنيادن تي ڏٺو وڃي ته مڊ ٽرم چونڊن جي صورت تبديلي جا امڪان نه آهن.

پنجاب صوبي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن سڀ کان اڳتي آهي ۽ ان کي ووٽ جو چوندڙن جي شرح 39 سيڪڙو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ 26 سيڪڙو سان ٻين نمبر تي موجود آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي کي صوبي مان 05 سيڪڙو، ٽي ايل پي کي 2 سيڪڙو، جڏهن ته 1 سيڪڙو پنجاب ۾ پاڪستان مسلم ليگ ق کي ووٽ ڏيڻ جو چئي رهيو آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳتي آهي ۽ جلد چونڊن جي صورت ۾ 34 سيڪڙو ماڻهو ان ڪري ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا. صوبي مان 12 سيڪڙو پاڪستان مسلم ليگ نواز، 08 سيڪڙو جي يو آءِ ف، 3 سيڪڙو اي اين پي، 4 سيڪڙو پي پي پي، 3 سيڪڙو جماعت اسلامي ۽ 2 سيڪڙو ٽي ايپ پي کي صوبي ۾ ووٽ ڏيڻ جو ارادو رکن ٿا.

سنڌ کي ڏٺو وڃي ته پاڪستان پيپلز پارٽي 22 سيڪڙو سان سڀ کان اڳتي آهي. جنهن کان پوءِ ٻين نمبر تي پي ٽي آءِ آهي جنهن کي 13 سيڪڙو ماڻهو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا.

09 سيڪڙو پاڪستان مسلم ليگ ن، 03 سيڪڙو جماعت اسلامي، 03 سيڪڙو جميعت علماءِ اسلام، 2 سيڪڙو ٽي ايل پي ۽ 1 سيڪڙو سنڌ صوبي ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي ووٽ ڏيڻ جو ارادو رکن ٿا.

45 سيڪڙو عوام  ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جو حامي

سروي ۾ 45 سيڪڙو عوام پي ڊي ايم جي ملڪ ۾ جلد چونڊن جي مطالبي جا به حمايتي نظر آيا جڏهن ته 31 سيڪڙو حڪومت کي مدو مڪمل ڪرڻ لاءِ مڪمل سپورٽ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. 24 سيڪڙو ان سوال جو ڪو به جواب نه ڏنو.

سروي ۾ اهو به نوٽ ڪيو ويو ته 49 سيڪڙو ماڻهن جو خيال هو ته پي ڊي ايم تحريڪ سويلين بالادستي لاءِ آهي جڏهن ته 32 سيڪڙو جو خيال هو ته ان تحريڪ ذريعي پي ڊي ايم ۾ موجود جماعتون پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، 19 سيڪڙو ان سوال جو ڪو به جواب نه ڏنو.

سروي ۾ اهو به ڏٺو ويو ته 53 سيڪڙو عوام اهو سمجهي ٿو ته موجوده حڪومت ڪرپشن جي خاتمي جي آڙ ۾ پنهنجي سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي رهي آهي جڏهن ته 31 سيڪڙو جو خيال آهي ته حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سچي نيت سان ڪوشش ڪري رهي آهي. 16 سيڪڙو ان تي ڪا به راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

ڪرپشن جي آڙ م مخالفن کي نشانو بڻائڻ جي سوچ سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ نظر آئي جتي 72 سيڪڙو عوام ان راءِ جي حامي جڏهن ته 16 سيڪڙو مخالفت ۾ بيٺل نظر آيو.

جنهن کان پوءِ پنجاب مان 50 سيڪڙو ان راءِ جي حامتي ته 33 سيڪڙو مخالف نظر آيا.

خيبرپختونخواهه مان عوامي راءِ ورهايل نظر آئي ۽ 43 سيڪڙو ان جي حمايت ڪئي ته وري 43 سيڪڙو راءِ جي مخالفت ڪئي. بلوچستان مان 35 سيڪڙو عوام راءِ جي حامي ڀري ۽ 40 سيڪڙو مخالفت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.