تحريڪ انصاف حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي: فردوس شميم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي اعتراف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته اسان جي حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ان جو اعتراف ڪيان ٿو.

هن چيو ته پوليس اهلڪار محمد بخش کي قائداعظم ايوارڊ ڏيڻ جي حمايت ڪيان ٿو، پوليس اهلڪار جي بهادر نياڻي جي به حوصلا افزائي ڪئي ويندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 100 بسون آڻڻ بدران 10 بسون آڻيندڙ وزير کي فارغ ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.