انصاف جي عالمي عدالت لاءِ 5 نون ججن جي چونڊ

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي انصاف جي عالمي عدالت لاءِ 5 ججن جي چونڊ ڪري ورتي.

15 رڪني انصاف جي عالمي عدالت لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ جن 5 ججن کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، انهن جو واسطو جرمني، جاپان، چين، يوگنڊا ۽ سلواڪيا سان آهي.

نون ججن کي فيبروري 2021 کان 2030 تائين چونڊيو ويو آهي.

انهن چونڊن ۾ نائجيريا، روانڊا ۽ ڪروشيا جا جج به اميدوار هئا، جيڪي ٻئي مرحلي جي ووٽنگ کانپوءِ مقابلي مان خارج ٿي ويا.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ذريعي انهن ججن کي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيون.

واضح رهي ته نيڌرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت گڏيل قومن جي رڪن ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ تڪرارن تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ٻڌائڻ جي مجاز هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.