ڀرياسٽي ويجهو ڪوٽ چنا ۾ چنا ويلفيئر ايسو سي ايشن جوڪنوينشن ۽ ميلاد جي تقريب

ڀرياسٽي ويجهو ڪوٽ چنه  ۾ چنا ويلفيئر ايسو سي ايشن آف پاڪستان اتحاد طرفان ورڪر ڪنوينشن ۽  ميلاد جي تقريب ٿي گذري ڄنھن جو خاص مھمان پ پ پ جو صدر فيروز خان جمالي ھو ، تقريب ۾ چنا برادري جي هزارين ماڻهن سميت سياسي سماجي اڳواڻن  شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي چنه اتحاد جي سردار نثار احمد چنه  جو چوڻ هوته اهي اڳ ب پيپلز پارٽي  ۾ هئا ۽ اڃان آهن پر  پيپلزپارٽي انهن جي برادري کي مڪمل نظر انداز ڪيو هيو ۽ھتان جا چونڊيل نمائندا پڻ برادري سان ملڻ لا۽ نه هئا .تقريب کي خطاب ڪندي چيف خاص مهمان پيپلزپارٽي ضلعي صدر فيروز خان جمالي چيو چنا برادري جو ڪافي ووٽ بينڪ آھي اسان جي ڪوشش هوندي ته چنا برادري جي اهميت ڏيون ،  ۔ هن چيو ته پيپلزپارٽي هڪ وسيع پارٽي آهي  جنهن  جا دروازا سڀن جي لاء کليل آهن  ،ان موقعي تي  نعت خوان علي احمد چنه ۔ مولوي الله ڏنو چنه۔ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب ۾ آيل مهمانن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پڻ ڏنا ويا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.