ڪشمور واقعو: روپوش جوابدار جي فائرنگ ۾ مک جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو

 

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ۾ ٻارڙيءَ سان زيادتي جي واقعي ۾ روپوش جوابدار خير الله بگٽي جي گرفتاري لاءِ آپريشن دوران ساٿي جوابدار جي فائرنگ ۾ اڳواٽ گرفتار مک جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو.

پوليس موجب ٻارڙيءَ سان زياتي ۾ ملوث جوابدار رفيق ملڪ کي ساڻ ڪري جوابدار خير الله بگٽي جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو ويو.

پوليس اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته گهربل جوابدار خير الله بگٽي پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.