کهڙا: ڪشمور ۾ معصوم نينگري ۽ سندس امڙ سان زيادتي واري واقعي خلاف مظاهرو

کهڙا ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ۽ سول سوسائٽي پاران ڪشمور ۾ معصوم نينگري عليشا ۽ سندس امڙ تبسم سان اجتماعي زيادتي خلاف اڳواڻن ڪامريڊ نثار ابڙو ،ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، الطاف الرحمان، سماجي اڳواڻن سيد آفتاب علي شاھ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي  ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي  سرعام ڦاسي تي لٽڪايو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ان معاملي تي خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪيو آهي،  احتجاجي مظاهري ۾ ف ليگ ڪارڪنن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.