جهڏو:ڳوٺ الهڏنو جمالي جي رهواسين پاران ڏيئي پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو

جهڏو لڳ تعلقي ٽنڊو باگو جي يوسي سانگي ڦرهو جي ڳوٺ الهڏنو جمالي جي رهواسين  پاران ڏيئي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو ،ڳوٺاڻن غلام عباس جمالي، محمد هاشم جمالي، عبدالمجيد جمالي، ۽ ٻين  احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 1980 ۾ چاليھه ايڪڙ ڇھ گهنٽا زمين سندن وڏڙن  الهڏنو جمالي فيض محمد جمالي سانوڻ جمالي ۽ ٻين پئسن عيوض خريد ڪئي هئي جنهن تي هو ستن پيڙهين  کان پنهنجا گهر ٺاهي ويٺل آھن ، هنن الزام هنيو ته هتان جي پوليس  با اثرن جي چرچ تي ڳري رشوت عيوض انهن جا گهر ڊاهي انهن  کي اتان زبردستي لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي  ،هنن سپريم ڪورٽ ، سنڌ حڪومت آء جي سنڌ سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ساڻن  انصاف  ڪري انهن کي  تحفظ ڏنو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.