مون ۽ منهنجي ڀائٽي تي زمين تي قبضي جو الزام اجايو آهي: مير شاهنواز مگسي

شھدادڪوٽ ۾ پپلز پارٽي جي ايم پي اي مير نادر مگسي جي پرسنل سيڪريٽري مير شاھنواز مگسي چيو آهي ته سيلرا برادري پاران ان تي ۽ ان جي ڀائٽي تميزالدين مگسي تي زمين تي قبضي جو جيڪو الزام لڳايو ويو آهي  اھو سراسر بي بنياد آهي، پپلز پارٽي جي  عھديدارن سميت پنهنجي مگسي برادري جي ماڻهن جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته منهنجي ڀائٽي تميز الدين  اھا زمين احمد علي سيلرو کان خريد  ڪئي آهي جنهن  جا دستاويزي ثبوت موجود آهن  پر سيلرا برادري جا ماڻهو  زمين تي قبضي ڪرڻ واري واويلا ڪري ساک متاثر ڪري رھيا آهن ، پريس ڪانفرنس ۾ ھن ڊگري ڪاليج جي پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو تي ٿيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ڪاليج واري معاملي ۾ ميرنادر مگسي ھر موڙ تي ڪاليج وارن سان گڏ آهي ان تي ڪو به سياست نه ڪري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.