آمريڪي ادارن ڊونلڊ ٽرمپ جا ڌانڌليءَ جا الزام رد ڪري ڇڏيا

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي آمريڪي کاتن صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان تازين چونڊن ۾ دوکي بازي ۽ ڌانڌلي جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙن الزامن جا ڪي ثبوت ناهن مليا.

واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي شڪست قبول نه ڪندي الزام هنيو هو ته چونڊن ۾ هڪ مخصوص ڪمپيوٽر سافٽ ويئر استعمال ڪيو ويو.

سائبر سيڪيورٽي ايجنسي ۽ چونڊ اختيارين هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان ڳالهه جا ڪي ثبوت ناهن ته ووٽنگ جي نظام ۾ ڪا ڦير ڦار ڪئي وئي ۽ ووٽن کي ضايع يا تبديل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.