سون لڳاتار سستو ٿيڻ کانپوءِ مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل ڏينهن گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون مهانگو ٿي ويو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ 4 سئو رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 12 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

10 گرام سون جي قيمت 343 رپيا وڌڻ کانپوءِ 96 هزار 193 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 6 ڊالر واڌ سان 1878 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.