ڪراچي مان ڪالعدم تنظيم جا ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڳجهي اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ طرفان جاري پڌرائيءَ موجب سي ٽي ڊي ۽ ڳجهي اداري ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڪالعدم سپاه محمد جي ٻن دهشتگردن کي مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان 2 نائن ايم ايم پسٽل ۽ 30 بور 6 رائونڊز سان گڏ هٿ ڪيا ويا.

ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ موجب گرفتار جوابدارن 2011، 2013 ۽ 2014 ۾ مذهبي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته انهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.