آصف زرداري جي نيب ريفرنس ڪراچي منتقل ڪرڻ جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان نيب ريفرنس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار نه ڏني وئي.

سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس آصف زرداري طرفان نيب ريفرنس ڪراچي منتقل ڪرن جي درخواستن تي اعتراض واريا آهن.

رجسٽرار آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري طرفان ريفرنس ڪراچي منتقل ڪرڻ جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون ناهن.

بيان موجب نيب ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ريفرنس فائل ڪري چڪو آهي، ريفرنس منتقلي جون درخواستون اڳ به رد ڪيون ويون آهن.

رجسٽرار آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز تحت ٻيهر نظرثاني درخواست داخل نٿي ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.