گهوٽڪي: ڊي سي جي صدارت هيٺ موٽروي ايم 5 جي ٻيهر تعمير بابت گڏجاڻي

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ موٽروي ايم 5 سکر کان ملتان جي تعمير دوران تباه ٿيل لنڪ روڊ ٻيهر تعمير ڪرڻ بابت گڏجاڻي ٿي ،گڏجاڻي ۾ چائنيز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي نمائندن سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته موٽروي ايم 5 جي تعمير دوران هيوي مشينري هلڻ سبب ضلعي جا ڪيترائي لنڪ روڊ تباه ٿي ويا آهن جنهنڪري مختلف علائقن جا هزارين ماڻهو سخت ڏکيائين  کي منهن ڏيڻ تي مجبورآهن ،  انڪري چائنيز ڪمپني جي نمائندن کي گهرجي ته هو معاهدي تي عمل ڪندي فوري طور تي لنڪ روڊن جي تعمير جي سلسلي ۾ جوڳا قدم کڻن ٻي صورت ۾ سندن سيڪيورٽي واپس ورتي ويندي ۽ ضلعي مان واپس نه وڃڻ ڏبو. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران هر موڙ تي چائنيز ڪمپني سان ڀرپور تعاون ڪيو ويو آهي انڪري ڪمپني جي نمائندن جو به فرض آهي ته هو عوام جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي لنڪ روڊ تعمير ڪن ته جيئن عوام کي مشڪلاتن کان بچائي سگهجي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.