حيدرآباد: هيومن رائٽس ڪميشن جي آفيس ۾ انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان گڏجاڻي

حيدرآباد ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان  جي آفيس ۾ سنڌ اندر انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، گڏجاڻي ۾ انساني حقن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ريجنل  ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، عورت اڳواڻ حسين مسرت شاهه، صحافي مهيش ڪمار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، جاگيردار ۽ نوڪرشاهي طبقو هن ملڪ کي انساني حقن جي احترام ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه ڪرائي سگهيو آهي، جنهن ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بدترين انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.