ڪراچي: ٻيٽن تي قبضي خلاف فشرمين سڄاڳ فورم پاران مظاهرو

سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ۽ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي تي قبضي خلاف فشرمين سڄاڳ فورم پاران فشرمين سڄاڳ فورم جي اڳواڻ محمد بخش جت ۽ ياسمين چانڊيو  ۽ ٻين پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ,،مظاهري ۾ جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ياسمين چانڊيو جو چوڻ هو ته مهاڻن جي حقن خاطر جدوجهد ڪئي ويندي ۽ ٻيٽن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين

فشرمين سڄاڳ فورم جي چيئرمين محمد بخش جت جو چوڻ هو ته فشرمين سوسائٽي اسان جي وڏڙن ٺاهي هئي اڄ ان مان اسان کي بيدخل ڪيو پيو وڃي ..

ان موقعي تي جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ڳالهائيندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ان تي وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين

هن چيو ته 15 نومبر  تي ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ گڏ ٿي ٻيٽن تي قبضي کي رد ڪندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.