ڪرنٽ لڳڻ سان شهري جو موت، ڪي اليڪٽرڪ سي اي او کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي سب اسٽيشن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان شهري جي موت بابت ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽ رد ڪندي ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي کي نامزد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان شهري جي موت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان دوران پوليس ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.

پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو ته شهري جي موت جو ڪيس غلط فهمي جي بنياد تي داخل ڪيو ويو هو، شهري ڪي اليڪٽرڪ سب اسٽيشن ۾ غلطي سان داخل ٿيو، دانهن ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪا ڪارروائي نٿو چاهي.

عدالت پوليس رپورٽ رد ڪندي رپورٽ کي چالان ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته شهري پنهنجي غلطي سان فوت ٿيو پر موت ته ٿيو آهي، حيراني جوڳي ڳالهه آهي ته سب اسٽيشن تي ڪو دَر، نه ڪو سيڪيورٽي سائن هو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته حفاظتي قدم نه هجڻ جي ذميواري ڄاڻايل جوابدارن تي لاڳو ٿئي ٿي، جاچ آفيسر اهڙن معاملن ۾ ڪمپرومائز نٿو ڪري سگهي، ڌرين ۾ جيڪڏهن معاملا طئي ٿي ويا آهن ته اهي سيشن عدالت سامهون فائنل ڪري سگهن ٿيون.

عدالت چيو ته جاچ آفيسر جي ان رپورٽ کي چالان ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي، ڊسٽريبيوشن هيڊ عامر، سينيئر سيڪيورٽي آفيسر فهيم ۽ اسسٽنٽ مئنيجر اويس کي نامزد ڪيو وڃي.

واضح رهي ته 11 آگسٽ تي نوجوان ڪي اليڪٽرڪ جي سب اسٽيشن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.