گهوٽڪي:ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿيل نوجوان کي زهر ڏئي مارڻ جو انڪشاف

گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي ۽ مومل جي ماڙي پوليس چوڪي حد  ڳوٺ بخارا ٻيرڙي ۾ ڪجھ ڏينهن پهرين پراسرار نموني فوت ٿيل 18 سالا نوجوان خان محمد عرف ببلي ڪوري کي زهر ڏيئي مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي , ان حوالي سان فوت ٿيل نوجوان خان محمد ڪوري جي پي غلام محمد ڪوري ۽ امڙ مائي آسيا ۽ ٻين وارثن  مائي جادل , مائي حياتان ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چي ته ڪجھ هفتا پهرين بااثرن سندن  نوجوان خان محمد کي يارو لنڊ  وٺي وڃي زهريلي ۽ نشي واري شئي ڏيئي قتل ڪيو آهي ، هنن آء جي سنڌ , ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انهن جي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي , ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.