اوٻاوڙو جي شگر ملن ۾ مقامي ماڻهن کي روز گارنه ملڻ خلاف احتجاج

اوٻاوڙو جي شگر ملن ۾ مقامي ماڻهن کي روز گارنه ملڻ خلاف بھادر لولائي، محمد مراد چانگ، اياز ڏهر، جاويد ڪلهوڙو، صدام حسين سومرو، طاهر دشتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الائنس شگر مل اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي پنهنجا ڊاڪيومنٽ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا  ۽ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قانون موجب شگر ملن ۾ 70 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻو آهي پر اوٻاوڙو تعلقي ۾ 3 شگر ملون آهن پر ڪنهن هڪڙي ۾ به مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي ، هنن مطالبو ڪيو ته هتان جي شگر ملن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏئي انهن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.