ڪشمور واقعو: سنڌ حڪومت جو پوليس اهلڪار ۽ سندس ڌيءُ لاءِ انعام جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪشمور زيادتي واقعي ۾ جوابدار کي گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪار لاءِ اعليٰ پوليس ايوارڊ جي سفارش ڪرڻ ۽ سندس ڌيءُ لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪشمور ۾ مقرر پوليس اهلڪار محمد بخش ابڙي ۽ سندس ڌيءُ جنهن بهادري سان جوابدار کي پڪڙيو، ان تي اسان سڀني کي فخر آهي.

هن چيو ته پوليس اهلڪار کي پوليس جو اعليٰ ترين ايوارڊ قائداعظم پوليس ميڊل ڏيارڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي سفارش ڪنداسين، محمد بخش ابڙو ان ايوارڊ جو حقدار آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت به کيس خدمتن تي اعزاز ڏيندي.

سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪار جي ڌيءُ ڪار سرڪاري آفيسر ناهي پر هن هڪ شهري طور جنهن بهادري جو مظاهرو ڪيو، ان جا به ٿورائتا آهيون، ان سلسلي ۾ کيس اعليٰ سول ايوارڊ ڏيارڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪنداسين ته جيئن سندس خدمتن جو اعتراف ڪري سگهجي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن محمد بخش ابڙي جي ڌيءُ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ته ان جا سمورا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي، جڏهن ته کيس فوري طور 10 لک رپيا روڪ انعام به ڏينداسين، ڇو ته هن جيڪو احسان ڪيو اهو مڃڻ تمام ڏکيو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان اهو به چيو ته متاثر ٻارڙيءَ کي دنيا ۾ ڪٿي به علاج ڪرائڻو پئي ته ان جا خرچ سنڌ حڪومت ڀريندي، ٻارڙيءَ جا تعليمي خرچ به سنڌ حڪومت جي ذمي آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.