شھدادڪوٽ: پروفيسر جبار جوڻيجو تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

شھدادڪوٽ ۾ ھٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل  ڊگري ڪاليج جي پرفيسر ۽ سپلا اڳواڻ عبدالجبار جوڻيجو  واري واقعي خلاف شھري جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي  شھر جي مختلف مڪتب  فڪر جي ھزارين ماڻهن پريس ڪلب کان ميرمظفر مينگل,ميرامجد ميرجت,۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو ،  جنهن سبب سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي ,ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  پروفيسر عبدالجبار تي لينڊمافيا پاران ڪيل بي رحمياڻي تشدد پوري سنڌ کي ڏکايو آهي،  ھنن چيو ته اھو حملو ھڪ استاد تي نه پر پوري سنڌ جي ضمير تي حملو ٿيو آهي جنهن ڪري انصاف جي حاصلات تائين چپ ڪري نه ويھبو, ھوڏانھن  ٽن ڪلاڪن تائين جاري رھندڙ ڌرڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ  سجاد حيدر قادري پھچي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.