پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي خان ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو.

گهر ڀاتين ڄام مدد علي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي ميمبر ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي هفتن کان علاج هيٺ هو.

گهر ڀاتين موجب ڄام مدد علي کي گذريل مهيني ڪورونا سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، هو ڪورونا مان صحتياب به ٿيو پر وائرس جي ڪري ان جا ڦڦڙ متاثر ٿي ويا هئا.

ڦڦڙ متاثر ٿيڻ تي تقريبن هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت کان ڄام مدد علي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

ڄام مدد علي جي جنازي نماز سڀاڻي ٽي پهري نماز کانپوءِ ڄام ڳوٺ سانگهڙ ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ سندس مڙهه جي تدفين به اباڻي هنڌ ڄام ڳوٺ ۾ ئي ٿيندي.

هوڏانهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين ڄام مدد علي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.