شھدادڪوٽ : 2 ٻارڙن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

شھدادڪوٽ  ۾ ٻن معصوم ٻارڙن 7 ورھين جي شڪيل بروھي ۽ 9 ورھين جي الله ورايو بروھي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء وارثن رياض بروھي ۽ لطف بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو  ويو جنهن ۾ شھر جي مختلف سياسي,ساماجي اڳواڻن حبدار ميرجت,ڪامريڊ شبير مگسي, عرفان سيلرو,ساجد بروھي ،آصف لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي ڳالھائيندي مقتول جي وارثن چيو ته ھڪ مھينو اڳ ڦر جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن موٽر سائيڪل نه روڪڻ تان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ انهن  جا 2 معصوم ٻارڙا شڪيل ۽ الله ورايو ٿڏي تي شھيد ٿي ويا،  ھنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.