ڏهرڪي: ڊان گولي جي ايجنٽن جو غريب پورهيت جي پٽ تي حملو، اسپتال داخل

ڏهرڪي ۾ ڊان گولي جي  ايجنٽن غريب پورهيت  نواز علوي جي پٽ دلاور علوي تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو ، نوجوان کي  اسپتال داخل  ڪيو ويو ، ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري کيس رحيم يار خان نيو ويو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي نوجوان جي پيءِ نواز علوي ٻڌايو ته سندس پٽ گهر کان شهر وڃي رهيو هو ته پويان موٽر سائيڪل سوارن اچي کيس زور دار ٽڪر هنيو ۽ ڀڄي ويا ، هن چيو ته سندس حالت نازڪ آهي ۽ اسپتال داخل آهي ، سندس چوڻ هو ته هن ڊان گولو ۽ سندس ايجنٽن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ اهي کيس ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا ، اڄ  هنن سندس پٽ دلاور تي حملو ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.