کپرو ؛سرڪاري واري جي دڙي تان ڀيل برادري کي بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاج

کپرو لڳ هٿونگو ۾ سرڪاري واري جي دڙي تي 50 سالن کان ويٺل ڀيل برادري جي ماڻھن کي پوليس جي مدد سان بااثرن پاران لڏائڻ خلاف کپرو جي شھيد چوڪ تي شھرين خادم سروري. چنيسر راڄڙ. عبدالبني بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو . ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڳالهائيندي چيو ته هٿونگو شھر ۾ سرڪاري واري جي دڙي تي ڀيل بر ادري جي ماڻھن مانو ڀيل. ڏانو ڀيل. سومار ڀيل. سوڍو ڀيل ۽ رميش ڀيل جا گهر اڌ صدي کان به اڳ جا اڏيل آھن پر بااثرن هنن کي ڏياري جي موقعي تي لڏائي مسڪينن سان وڏو ظلم ڪيو آھي هنن  وس وارن سميت علائقي مان چونڊيل اڳواڻن کان مامري جو نوٽيس وٺي ڀيل برادري سان انصاف جي گهر ڪئي آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.