سکر: خوراڪ کاتي گهوٽڪي ۾ ڪرپشن،2 جوابدارن جو 15 ڏينهن جو رمانڊ

سکر جي احتساب عدالت ۾ خوراڪ کاتي  گھوٽڪي ۾  ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، جوابدار فلور ملز مالڪ  اشوڪ ڪمار ۽ فوڊ سپروائيزر عبدالرشيد چاچڙ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالتي ڪاروائي دوران نيب پراسيڪيوٽر پاران جسماني رمانڊ واري استدعا ڪئي وئي، عدالت نيب پراسڪيوٽر جي استدعا رد ڪندي فلور مالڪ اشوڪ ڪمار ، ۽ فوڊ سپروائيزر عبدالرشيد چاچڙ کي 15 ڏينھن لاءِ  جيل موڪلي ڇڏيو ، نيب ذريعن موجب ٻنھي جوابدارن تي گھوٽڪي جي خوراڪ کاتي ۾ سرڪاري ڪڻڪ خردفرد ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.