ڪشمور ۾معصوم نينگري عليشا سان اجتماعي زيادتي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪشمور ۾ معصوم نياڻي تي اجتماعي زيادتي واري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ،ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران اڳواڻ قادربخش زئور، سجاد ميراڻي، غلام نبي چنڊاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کورواه اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي،  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته معصوم نياڻي عليشا سان زيازتي ڪندڙ وحشي جوابدار کي سرعام ڦاسي تي لٽڪايو وڃي کي ڦاسي ته لٽڪائي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ته جئين اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ،  ڪنڌڪوٽ ۾ ايڇ آر سي پي ، سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسل  جي صحافين طرفان پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهروڪيو  ويو ، ان موقعي تي امداد کوسو ,وڪيل عبدالغني بجاراڻي ,ابراهيم خاڪي ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ۽ گرفتار جوابدارن کي ڦاسي ڏئي لڪل هٿن کي ظاهر ڪيو وڃي، باهو کوسو ۾ قومي عوامي تحريڪ, سنڌي شاگرد تحريڪ, سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ شهرين کوسا مارڪيٽ کان ساگر علي حسن, منٺار گهنڃو, باسط بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف چوڪن کان ٿيندي شهيد سيف چوڪ تي پهتي جتي معصوم عليشا کي انصاف ڏيارڻ لاء نعريبازي ڪئي وئي ،  ان موقعي تي ڳالهائيندي خليل گهنڃو, زاهد کوسو, زڪريا گهنڃو, ۽ ٻين سپريم ڪورٽ کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.