ڪراچي ۾سچل ڳوٺ جي گرائونڊ جو ڪم ناقص ٿيڻ خلاف احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) سچل ڳوٺ جي گرائونڊ جي بائونڊري ديوار جي ناقص ڪم ۽ پوئين حصي جو داخلي رستي واري گيٽ بند ڪرڻ خلاف ايف بلاڪ جي رهواسين رسول بخش سومرو،واحد بخش ڇٽو،مسمات صغرا،راشد سومرو،خالد نواز دايو،شاهد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سچل ڳوٺ جي گرائونڊ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن جو رستو بند ڪرڻ خلاف شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي رسول بخش سومري چيو ته اسين سچل ڳوٺ ايف بلاڪ جا رهواسي آهيون پر گرائونڊ جي ديوار ۾اسان جو رستو بند ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي آندل ڀيو چيو ته گرائونڊ جي ديوار جو ٺيڪيدار ناقص ڪم ڪرائي ڪرپشن ڪري رهيو آهي. ۽ اسان جي گهرن جي رهواسين جي اچ وڃ رستو به بند ڪيو ويو آهي ڳوٺ جي  مرڪزي ڪميٽي فيصلو ڪيو هو ته گرائونڊ جو رستو بحال ڪنداسين پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي واحد بخش ڇٽو چيو ته اسان جو رستو بحال نه ڪرڻ ڳوٺاڻن سان وڏي بي واجبي آهي پنهنجي حق لاء احتجاج ڪرڻ تي اڳوڻو وائيس چيئرمين ۽ ان جا ڪجهه ساٿي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پ پ جا ووٽر آهيون پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آهي شاهد سومرو چيو ته بلاول ڀٽو،مراد علي شاهه،سعيد غني نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ٻئي طرف اڳوڻي وائيس چيئرمين مولابخش چنڊ چيو ته محلي وارن جو رستو بند نه ڪنداسين کين گيٽ لڳائي ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.