”مريم بي بي! ڌانڌلي جو موقف ٽرمپ جو نه هليو ته توهان جو ڪيئن هلندو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم بي بي! ڌانڌلي جو موقف ٽرمپ جو نه هليو ته توهان جو ڪيئن هلندو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته حڪومتي وڃي نه پئي، اڳتي وڌي رهي آهي ۽ وڌندي ويندي، تحريڪ انصاف حڪومت هن قوم کي هڪ عظيم قوم بڻائي ساهه پٽيندي.

هن چيو ته مريم نواز اڄ گلگت بلتستان ۾ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، انهن کي پنهنجو دور ياد اچي ويو، جڏهن انهن جي حڪومت گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي ذريعي نتيجا تبديل ڪيا، کين خاطري ٿا ڪرايون ته نئين پاڪستان ۾ ائين نه ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته مريم بي بي ۽ بلاول وساري ويٺا آهن ته گلگت بلتستان ۾ ن ليگ ۽ پ پ وارا وڄائي چڪيون آهن پر نتيجو سدائين ٻڙي نڪتو، تحريڪ انصاف حڪومت گلگت بلتستان کي اختيار ڏيڻ جو پراڻو مطالبو مڪمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.